ايتري فوج نيوزيلينڊ ۾ نه هوندي جيتري اسان ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي تي لڳائي هئي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرووزير شيخ رشيد احمد واضح ڪيو آهي ته ايتري فون نيوزيلينڊ ۾ نه هوندي جيتري اسان ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي تي لڳائي هئي، اپوزيشن نيوزيليند جي ٽيم واپسي جو الزام اسان تي مڙهي رهي آهي، شيشي جي گهر ۾ ويهي اسان تي تنقيد نه ڪئي وڃي، اسان کي ڪنهن کان ڪجهه ڄاڻڻ جي ضرورت نه آهي اسان جون ايجنسيون دنيا جون بهترين ايجنسيون آهن، فائيو آئي ان وقت ڪٿي هئي جڏهن نيوزيلينيڊ جي ٽيم پاڪستان ۾ پريڪٽس ڪري رهي هئي، 19 ۽ 20 صفر تي ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي موقعي تي صوبن جي مدد لاءِ پاڪ فوج ۽ رينجرز مقرر ڪئي ويندي صوبائي حڪومتن جي درخواستن تي موبائيل فون سروس به بند رهندي، اسان افغانستان سان گڏ آهيون، عمران خان ايبسليوٽلي ناٽ جو نعرو هنيو، پاڪستان جون سرحدون محفوظ آهن، اسان ڪائي مهاجر ڪئمپ ناهي ٺاهي سومر تي هتي پريس بريفنگ دوران شيخ رشيد ٻڌايو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ جا شوقين آهن وزيراعظم ورلڊ ڪپ پاڪستان کي ڏنو، مان ان وقت راندين جو وزير هيس. جنهن اِي ميل جي ڳالهه ٿي رهي هئي اها ته بعد ۾ آئي، اسان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي ان جا مستحق نه آهيون گهرو وزير چيو ته مان سرحدن جو دورو جنگ لاءِ نه پر امن لاءِ ڪري رهيو آهيان، ڀارتي ميڊيا وٽ شيخ رشيد ۽ طالبان کان علاوه ڪرڻ لاءِ ٻي ڪائي ڳالهه نه آهي ڀارت کي منهنجي بارڊر تي وڃڻ سان تڪليف آهي، مان سڀ کان مٿانهين محاذ سياچين جو دورو ڪيو ۽ ليپا جي چيڪ پوسٽن تي به ويندس. منهنجي دوري سان پاڪ فوج جي جوانن جو حصولو وڌيو وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسان جو پهرين ڏينهن کان هڪ ئي موقف اهي ته پرامن افغانستان ئي پاڪستان جي ضمانت آهي عمران خان جي پهرين ترجيح آهي ته افغانستان ۾ انسانين جانين جو مسئلو نه ٿئي وزيراعظم عمران خان تاجڪستان ۾ صاف لفظن ۾ چيو ته اسان افغانستان سان گڏ آهيون، افغانستان مان اسان 16 هزار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو جنهن ۾ آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جا ماڻهو شامل آهن ڀارت جيڪا پروپيگنڊا ڪئي اها سموري ڳالهه پاڪستان تي وڌي پئي وڃي پاڪستان جون سموريون سرحدون محفوظ اهن، اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن بابت شيخ رشيد چيو ته اسلام آباد ۾مڪاني اليڪشن هاڻي 50 مان وڌائي 100 وارڊ ۾ ٿيندي، وفاقي ڪابينه ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي هن چيوت ه اسلام آباد ۾ 516 مدرسه آهن هڪ مدرسي ۾ مسئلا آهن ان کي انتظاميه حل ڪندي ڪنهن قانون هٿ ۾ کنيو ته ڪارروائي ٿيندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن اليڪشن جي تياري ڪري رهي آهي، اپوزيشن کي دعوت ڏيان ٿو ته اي وي ايم مشين تي اسان سان ويهي ڳالهائي هن چيو ته ٻه سڃاڻپ ڪارڊ يا پاسپورٽ وارا ماڻهو 21 آڪٽوبر تائين پنهنجو هڪ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ هڪ پاسپورٽ واپس ڪري ڇڏين هن چيو ته افغانستان مان اسان 16 هزار ماڻهن جو انخلا ڪيو آهي، 4 هزار ماڻهو طورخم ۽ چمن بارڊر کان واپس ويا آهن اسان جو هڪ ئي موقف آهي ته افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن قائم ٿئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *