ايان علي خلاف هڪ ٻي درخواست داخل،ڏکيا ڏينهن گهٽ ٿيڻ بدران وڌڻ لڳا

اسلام آباد (بيورو) پاڪستاني ماڊل اداڪارا ايان علي جا ڏکيا ڏينهن گهٽ ٿيڻ بدران وڌڻ لڳا،ڊالر گرل هاڻي هڪ نئين مشڪل ۾ فاسي پئي،گوهر علي نالي هڪ شهري

عدالت ۾ ايان علي خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.شهري درخواست ۾ چيو آهي ته ماڊل انگريز ڳائڻي ايڊورڊ مايا جو ڪمرشل ڪرائڻ لاءِ کيس 60 لک رپيا ورتا،پر ڪمرشل نه ڪرائي سگهي.درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو ته ماڊل گرل 2 آڪٽوبر 2015ع تي موسيقيءَ  ڪرائڻ جو واعدو ڪيو پر هاڻي جواب ڏئي رهي آهي،جوابدار ايان خلاف دوکو ڏيڻ ۽ غداري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *