اوڪاڙا،هڪ ڪنوار به رخصتي کان اڳ ووٽ وجهڻ پولنگ اسٽيشن پهچي وئي

اوڪاڙا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اوڪاڙا ۾ سياسي گرمي پد ان حد تائين وڌي ويو آهي جو شادي جي موقعي تي هڪ ڪنوار به ووٽ وجهڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن پهچي وئي.اوڪاڙا ۾ اين اي 144 ۾ پولنگ هلي رهي آهي، جي هڪ ڪنوار رخصتي کان اڳ ووٽ وجهڻ پهچي وئي.اوڪاڙا جي ڪنوار رخصتي کان اڳ پنهنجي حق جو استعمال ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهيو. ڪنوار مطابق هاڻوڪي دور ۾ ووٽ جي طاقت جي وڏي اهميت ٿي وئي آهي جنهن کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته ووٽ ڏيڻ کان پوءِ ئي پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *