اوڀر جي شاعر علامه اقبال جي اڄ 137 سالگرهه ملهائي وئي

اسلام آباد (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ شاعر مشرق، حڪيم الامت علامه محمد اقبال جو 137هون جنم ڏينهن قومي جوش جذبي سان ملهايو ويو. آچر ڏينهن ان سلسلي ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن طرفان سيمينار ۽ تقريبون ٿيون جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا ان حوالي سان خاص پروگرام نشر ڪيا. پرنٽ ميڊيا ۾ علامه محمد اقبال جي زندگي، ڪردار ۽ پاڪستانجي قيام جي حوالي سان سندس جدوجهد جي تناظر ۾ خاص مضمون شايع ڪيا ويا. هوڏانهن سيالڪوٽ ۾ علامه اقبال جي جنم هنڌ ”اقبال منزل“ تي فاتحه خواني ڪئي وئي جنهن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. عظيم فلاسافر کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اقبال منزل ۾ هڪ نمائش جو به اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ ناياب تصويرون، ڪتاب ۽ علامه اقبال جي ذاتي استعمال هيٺ رهندڙ شيون نمائش لاءِ رکيون ويون، جن ۾ سندس استعمال ۾ رهندڙ قلم ۽ مس پڻ رکي وئي. اقبال منزل تي نمائش ڏسندڙن جي رش رهي. سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس، ريسڪيو 1122 ۽ سول ڊفينس گڏيل طور سندس سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو جنهن ۾ اهم شخصيتن ۽ صحافين سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *