اوٿل: ٽريفڪ حادثا، 7 ڄڻا فوت، 15زخمي، 5 جي حالت نازڪ

اوٿل (اين اين آءِ) مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي ٻن ٽريڪ حادثن ۾ 7 ڄڻا فوت، 15 زخمي، زخمين مان پنجن جي حالت ڳڻتي جوڳي. تفصيل مطابق آچر ڏينهن تربت کان ڪراچي ويندڙ بلوچستان مسافر ڪوچ بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا جي صدر مقام اوٿل کان 140 ڪلوميٽر پري مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي بزي ٽاپ جي هنڌ وٽ بريڪ فيل ٿيڻ سبب اونهي کڏ ۾ وڃي ڪري جنهن سبب ڪوچ ۾ ويٺل 4 مسافر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 14 مسافر زخمي ٿي پيا، ان حادثي جي جهٽ کانپوءِ هڪ مال کڻندڙ ٽرڪ انهيءَ هنڌ تي اونهي کڏ ۾ وڃي ڪري جنهن سبب ٽرڪ ڊرائيور غلام فاروق، مهراڻ ۽ واحد ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته حفيظ الله زخمي ٿي پيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *