اوٿل ويجهو ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 11 مسافر فوت

ڪوئيٽا (بيورو) بلوچستان جــي علائقي اوٿل ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جــَي نتيجي ۾ فوتين جو انگ يارنهن ٿي ويو، جڏهن ته 25 زخمين جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. ضلعي لسٻيلا جي تعلقي اوٿل ويجهو آر ڊي شاهراهه تي ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار 8 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب زخمين کي ڊي ايچ ڪيو اسپتال اوٿل منتقل ڪيو ويو، جتان 8 زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو جتي وڌيڪ 3 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. وڌيڪ ٽن زخمين جي فوت ٿيڻ بعد حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي. واضح رهي ته آر ڊي شاهراهه تي ٽريفڪ حادثي جو هــِي پهريون واقعو ناهي، هلندڙ سال ٽريفڪ حادثي ۾ ساڳي ئي شاهراهه تي 38 ڄڻا فوت ٿي چــُڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *