اوٻاوڙو جي ڪچي ۾ پنجاب پوليس 4 مبينا ڦورن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو

اوٻاوڙو (نمائندو) اوٻاوڙو جي ڪچي واري علائقي ۾ پنجاب پوليس 4 مبينا ڦورن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو، جن جا لاش اوٻاوڙو جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. راونتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ پنجاب جي ضلعي رحيميار خان جي پوليس 4 مبينا ڦورن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. راونتي پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل مبينا جوابدار پنجاب جا رهواسي آهن، جن جا لاش اوٻاڙي جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارجي ويلن مان هڪ جي فيض محمد طور سڃاڻپ ٿي آهي، مارجي ويلن جا وارثن اڃا تائين ناهن پهتا، جڏهن ته لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي. پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري مختلف ڪيس ۾ گهربل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *