اوول ٽيسٽ دوران تماشائين معين علي جي مزاحيا تصوير لڳائي ڇڏي

لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلش تماشائين آل رائوندر معين علي کي معينا ليزا بڻائي ڇڏيو اوول ٽيسٽ دوران اسٽيڊيم ۾ ڪجهه شوقينن طرفان بالڪوني ۾ هڪ تصوير لڳائي وئي جنهن ۾ مصوري جي شاهڪار موناليز جي انداز ۾ معين علي جي پورٽريٽ هئي جنهن جي مٿان معينا ليزا لکيل هو گهڻن شوقينن ان تصوير جو مزاهيا پهلو ڏٺو جڏهن ته انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيت ان تصوير کي پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان سيئر به ڪيو جڏهن ته سوشل ميڊيا تي شوقينن جي اڪثريت کي اها تصوير خراب لڳي هڪ لکيو ته اوهان معين کي ان انداز ۾ پيش نه ٿا ڪري سگهيو اها هڪ بيوقوف شئي آهي ڪجهه ان کي انگلينڊ جي ڪرڪيٽرز ۽ قومي هيروز جي توهين قرار ڏنو هڪ شخص لکيو ته مون کي اها تصوير انتهائي توهين آميز ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي مون کي حيرت ان ڳالهه جي آهي ته انگلش بورڊ پاڻ اها تصوير پوسٽ ڪئي آهي مون کي اميد آهي ته معين علي ان باري ۾ باقعدا شڪايت ڪندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *