
سيالڪوٽ (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته الهندي ۽ اڀرندي سرحدن تي خطرا لامارا ڏيئي رهيا آهن حڪومتي ٽيم نوازشريف جا قوم سان ڪيل واعدا پورا ڪندي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو ته شاهد خاقان عباسي ڏکين حالت ۾ وڏ وزارت جو عهدو سنڀاليون حڪومتي ٽيم نوازشريف جا قوم سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪندي هن چيو ته مخالفن جا پير پٽجي رهيا آهن ۽ (ن) ليگ مضبوط ٿي رهي آهي جڏهن ته نوازشريف جي ويزن کي ڪاميابي سان چونڊن تائين وٺي وينداسين خواجه آصف چيو ته جنهن تيزي سان مسئلا حل ٿيا ان جو مثال نٿو ملي اسان جي دور ۾ جيتري ترقي ٿي ايتري 70 سالن ۾ ناهي ٿي.