اولمپيئن ارشد نديم لاءِ پرڏيهي ڪوچ جون خدمتون حاصل

لاهور (اسپورٽس نيوز) اولمپيئن اٿليٽ ارشد نديم ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽريننگ جو پهريون مرحلو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ لاهور واپس پهچي ويو. ايٿليٽڪس فيڊريشن مستقبل جي انٽرنيشنل ايونٽس ۾ ارشد نديم جي لاءِ پرڏيهي ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن، ٽاپ جيولن ٿرو ڪوچ ٽرسيس ليبن برگ ارشد نديم جي اهم ايونٽس ۾ ڪوچنگ ڪندو. جولاءِ ۾ شيڊيول ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ لاءِ ڪجهه ڏينهن آرام کانپوءِ ارشد نديم ٻيهر ٽريننگ جي شروعات ڪندو، جڏهن ته ياسر علي به ان سان گڏ امام رضا ايٿليٽڪس ڪپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. واضح رهي ته ايران جي شهر مشهد ۾ ايونٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ 7 رڪني پاڪستاني جٿو پهچندو، ايونٽ 29 کان 30 مئي تائين منعقد ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *