اوستا محمد: ڪارنهن الزام هيٺ مڙس زال ماري ڇڏي

جعفر آباد(م.ڊ) اوستا محمد ۾ مبينه ڪارنهن جي الزام ۾ هڪ شخص فائرنگ ڪري پنهنجي گهر واريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او  محمدعلي جمالي مطابق اربع ڏينهن اوستا محمد جي علائقي ڳوٺ محمد نواز ۾ هڪ شخص عبدالخالق مبينه ڪارنهن جي الزام ۾ فائرنگ ڪري پنهنجي گهر واري مسمات مريم کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. پوليس لاش قبضي ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائيءَ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *