اوباما-نواز ملاقات، پاڪ-آمريڪا ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق

واشنگٽن(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف ۽ آمريڪي صدر براڪ اوباما ۾ وائيٽ هائوس ۾ اهم ملاقات ٿي آهي، ملاقات دوران آمريڪي صدر پاڪستان سان لاڳاپن ۾ واڌ جي خواهش جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ميان نواز شريف جو چوڻ آهي ته هو پاڪ – آمريڪا وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. وزيراعظم نواز شريف پنهنجي وفد سميت واشنگٽن جي بليئر هائوس مان وائيٽ هائوس پهتو، جتي آمريڪي صدر براڪ اوباما ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سندس شاندار استقبال ڪيو ٻنهي اڳواڻن خوشگوار ماحول ۾ هڪٻئي سان هٿ ملايو ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي صدر براڪ اوباما ميان نواز شريف جي وائيٽ هائوس آمد تي سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ مضبوط لاڳاپا قائم آهن، جن ۾ هو واڌ چاهي ٿو آمريڪي صدر واضح ڪيو ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپا رڳو سڪيورٽي تائين محدود ناهن، پاڪستان دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي صدر براڪ اوباما ان موقعي تي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي مجموعي ڪردار جي ساراهه پڻ ڪئي ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف،ڀرپور مهمانوازيءَ تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا 70 ورهين تي ٻڌل آهن، سندس دوري سان ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف سان نائب آمريڪي صدر جو بائيڊن بليئر هائوس ۾ نيرن تي ملاقات ڪئي ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار تي به غور ڪيو ويو ملاقات دوران نائب آمريڪي صدر به دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ سهڪار جاري رکڻ جي خاطري پڻ ڪرائي ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري،آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير جليل عباس جيلاني ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *