اهڙي پاڪستان جي جدوجهد پيا ڪريون، جنهن ۾ امير ۽ غريب لاءِ هڪ ئي قانون هجي: بلاول ڀٽو

جهنگ (اين اين آءِ) جمعي تي شاهه جيواڻي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو آهي ته هڪ فيصلو شريفن لاءِ آهي ۽ ٻيو ملڪ جي عوام لاءِ آهي. هڪ قانون شريفن لاءِ آهي ۽ ٻيو قانون غريب عوام لاءِ آهي. اهي ماڻهو ماڊل ٽائون ۾ ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏين پر انهن کي ڏوهاري چوڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي پر شهيد بي بي جي حڪومت کي آئين جي هڪ ئي آرٽيڪل تحت ختم ڪيو وڃي ٿو ڪيستائين ملڪ ۾ اهي ٻئي قانون هلندا. هن چيو ته هي سپريم ڪورٽ تي حملو ڪن ٿا پوءِ به بچي وڃن ٿا ۽ هڪ خط نه لکڻ تي گيلاني کي گهر موڪليو وڃي ٿو. عوام ۽ نوجوانن کان پڇان ٿو ته ڇا توهان انهن ٻنهي قانونن کي مڃو ٿا؟ هن چيو ته نئين اسان کي ٻه پاڪستان گهرجن ۽ نه ئي وري ٻه قانون گهرجن اسان کي هڪ پاڪستان ۽ هڪ قانون گهرجي، اسان اهڙي پاڪستان جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ امير، غريب طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪ ئي قانون هجي. بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميان صاحب توهان مڪمل طور تي آزاد نه ٿيا آهيو ٻن ججن توهان کي نااهل قرار ڏنو آهي، توهان جي خلاف عوام جي عدالت به پاناما ۽ لوڊشيڊنگ تي فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي بلاول ڀٽو پنهنجي خطاب جي آخر ۾ گو نواز گو جا نعرا هنيا ۽ چيو ته تنهنجو شو ختم ٿي ويو گو نواز گو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *