اهڙو ڪو ماءُ جو پٽ پيدا ئي ناهي ٿيو جيڪو سنڌ کي ورهائي سگهي: اياز سومرو

14533_Muhammad_Ayaz_Soomro_HD_wallpaper_Pic

 

اسلام آباد(بيورو) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر رشيد گوڊيل تقرير جو موقعو نه ڏيڻ تي بائڪاٽ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، اسپيڪر ايازصادق جو چوڻ آهي ته هو ان رويي تي الطاف حسين سان ڳالهائيندو، سينيٽر صالحشاهه چيو آهي تهعمران خان جهڙي طرح جي زبان استعمال ڪري رهيو آهي ان تي کين شرم ٿو اچي،رشيد گوڊيل چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌيڪ نوان صوبا ٺاهيا وڃن، اياز سومري چيو آهي ته اهڙو ڪو ماءُ جو پٽ پيدا ئي ناهي ٿيو جيڪو سنڌ کي ورهائي سگهي، سنڌ هڪ هئي آهي ۽ رهندي. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب ڪندي سينيٽر صالح شاهه چيو ته هو عمران خان ۽ طاهرالقادري خلاف غلط زبان استعمال نه ڪندو پر جهڙي زبان هو استعمال ڪري رهيا آهن ان تي کين شرم ٿو اچي. هن چيو ته سمورين سياسي قوتن متحد ٿي جمهوريت کي بچائي ورتو آهي ان جي تعريف ڪرڻ لاءِ هن وٽ لفظ ناهن. سينيٽر عبدالرحيم مندوخيل ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم کان استعفيٰ وارو مطالبو ٻاراڻو آهي، عوام جي چونڊيل وزيراعظم کي ڪنهن به صورت ۾ استعفيٰ نه ڏيڻ گهرجي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جو ميمبر رشيد گوڊيل تقرير لاءِ اٿي بيٺو اسپيڪر کيس ويهڻ لاءِ چيو ۽ چيو ته ايم ڪيو ايم جا ٻه ميمبر ڳالهائي چڪا آهن اڄ ٻين ميمبرن جو وارو آهي پر رشيد گوڊيل نه مڙيو، هن ڌمڪي ڏني ته کيس ڳالهائڻ نه ڏنو ويو ته ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويندو، جنهن تي اسپيڪر اياز صادق چيو ته هو اهڙي رويي تي الطاف حسين سان پاڻ ڳالهائيندو. اسپيڪر جي اجازت تي رشيد گوڊيل تقرير ڪندي هڪ دفعو ٻيهر نون صوبن جي ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي آبادي 20 ڪروڙ آهي 20 صوبا ٺاهيا وڃن، نوان صوبا ٺهڻ سان ملڪ ٽٽندو نه پر وڌيڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته کين دهشتگرد، ڀتا خور ۽ ٽارگيٽ ڪلر چيو وڃي ٿو، هنن جي مخالفت اهي ڪري رهيا آهن جيڪي جاگيرداراڻي نظام جا حامي آهن، هو به ايترائي پاڪستاني آهن جيترا ٻيا آهن. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اياز سومري ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي عوام ڪڏهن به صبر جو دامن هٿ مان نه ڇڏيو آهي، جنهن سياستدان وٽ ظرف ناهي ان کي سياست نه ڪرڻ گهرجي، سنڌ جا ماڻهو ڪنهن ٻئي جا نه پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا مريد آهن. هن چيو ته ڪوبه ماءُ جو پٽ سنڌ کي نه ٿو ورهائي سگهي، اهڙو ڪو ماءُ جو پٽ پيدا ئي ناهي ٿيو جيڪو سنڌ کي ورهائي سگهي، سنڌ صوفين ۽ محبتي ماڻهن جي ڌرتي آهي، سنڌ قائم هئي قائم آهي ۽ قائم رهندي. هن چيو ته سنڌ جو هڪ ڀوتار ڏکي وقت ۾ مسلم ليگ ن کي ڇڏي ويو آهي جنهن کي شاهه محمود قريشي چئي آيو آهي ته هن کي چئي آيو آهي ته هو سندن پارٽي ۾ شامل ٿئي ته کيس تحريڪ انصاف جو صدر ڪيو ويندو، پيپلز پارٽي وزيراعظم سان گڏ آهي، هو جمهوريت تي ڪابه آنچ اچڻ نه ڏيندا.. سيينٽر مشاهد الله ڳالهائيندي چيو ته لنڊن ۾ عمران خان ۽ طاهرالقادري گڏجي حڪومت خلاف سازش تيار ڪئي ان موقعي تي ڪجهه اينڪر پرسن به موجود هئا پر انهن جي سازش ناڪام ٿي چڪي آهي. هن چيو ته طاقت جي زور تي اجتماعي شعور کي ختم نه ٿي ڪري سگهي، جنهن کي ڦاهي ڏني وئي ان جي پارٽي اڄ به ايوان ۾ موجود آهي جنهن کي شهيد ڪيو ويو ان جي پارٽي به عوام ۾ مقبول ۽ ايوان ۾ موجود آهي جنهن کي جلاوطن ڪيو ويو اهو اڄ ٽيون ڀيرو وزيراعظم آهي ان جو مطلب ته آمر هر دور ۾ ناڪام ٿيا آهن. هن چيو ته عمران خان ۽ طاهرالقادري گذريل هڪ مهيني جيتريون گاريون پارليامينٽ ۽ جهموريت کي ڏنيون آهن دل چوي ٿي ته هو ان کان 10 ڀيرا وڌيڪ کين گاريون ڏئي، هنن جيتريون به گاريون ڏنيون آهن اهي ضرب ڪري کين ئي واپس ڪجن ٿيون اهي هو پاڻ ۾ ورهائي کڻن. بعد ۾ اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ جو گيڏل اجلاس سڀاڻي صبح جو ساڍي 10 هين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *