اهي ماڻهو ضد تي آهن ته آئين ٽوڙيو وڃي، آئين جي ابتڙ ڪوبه ڪم ٿيڻ نه ڏينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ)  ملڪ جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو هو، قائداعظم ان کي بڻايو، قائد ملت ان کي هٿي وٺرائي، قائد عوام جدت بخشي ۽ محترمه شهيد ان کي خوشحالي ڏانهن وٺي وئي جنهن کي ”نئون پاڪستان“ متجاوز ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهن کي جيڪي روزگار تي لڳل هئا انهن کي روزگار کان محروم ڪيو پيو وڃي. اها ڳالهه وڏي وزير مراد علي شاهه گذريل ڏينهن قائد ملت لياقت علي خان جي 68هين ورسي جي موقعي تي گلن جي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي صوبائي وزير امتياز شيخ، مرتضيٰ بلوچ ۽ مرتضيٰ وهاب پڻ ساڻس گڏ هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هي اهو پاڪستان نه آهي جنهن جو علامه اقبال خواب ڏٺو هو ۽ قائداعظم محمد علي جناح جنهن جي بنياد رکي هئي ۽ جنهن کي شهيد ڀٽو آئيني طور تي جت بخشي ۽ ان کي وري شهيد محترمه بينظير ڀٽو خوشحالي ڏانهن وٺي وئي هئي. هن چيو ته هاڻي جيڪو پاڪستان آهي ان کي پي ٽي آئي اهڙي ريت بڻايو آهي جو مهنگائي جي سونامي سبب ۽ اگهن جي مسلسل واڌ ذريعي ماني ٽُڪر به کسيو پيو وڃي ۽ اهي جنهن ان ملڪ جي خدمت ڪئي انهن کي جيلن ۾ وڌو پيو وڃي، اهو آهي نئون پاڪستان. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهو افواهه پکيڙي رهيا آهن ته سنڌ حڪومت ڪراچي جو نالو تبديل ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان ڇو نالو (ڪراچي جو) نالو تبديل ڪدناسين، هي اسان جو شهر آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ڄاتو ويندو آهي ۽ هي شهر اسان سڀني کي پيارو آهي. هن چيو ته هي خبرون بي بنياد آهن ۽ هن ميڊيا تي زور ڀريو ته اهي ماڻهن يا گروپس جيڪي ڪراچي جي نالي جي تبديلي بابت افواهون پکيڙي رهيا آهن انهن کي ڳولا ڪري. ڪچري کڻڻ واري ڪم بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هينئر تائين 3 لک ٽن ڪچرو کڄي چڪو آهي ۽ بچيل ڪچرو به 31 آڪٽوبر جي ڊيڊ لائين جيڪا مقرر ڪئي آهي تائين کڄي ويندو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته اڄ هتي شهيد ملت لياقت علي شان جي 68هين شهادت ڏهاڙي جي موقعي تي کانئس خراج عقيدت پيش ڪرڻ پنهنجي ڪابينا ميمبرن سان گڏ حاضر ٿيو آهيان. شهيد ملت لياقت علي خان ، قائداعظم محمد علي جناح جو ساٿي هو، انهن اسان کي هي پيارو ملڪ پاڪستان ڏنو آهي. اسان جي بدقسمتي هئي جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پهرين قائداعظم محمد علي جناح ۽ ان کان ڪجهه عرصو پوءِ شهيد ملت لياقت علي خان اسان کان جدا ٿي ويو ۽ ان کانپوءِ ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا سامهون آيا. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين منتخب وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن قائداعظم محمد علي جناح جو نظريو وٺي اڳيان وڌيو ته کيس شهيد ڪيو ويو، ان کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ مارشل لاءِ لڳي ويو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد سان مارشل لاءِ ختم ٿيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽيرين آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ اهو عهد ڪريون ٿا ته اسان قائداعظم محمد علي جناح، شهيد ملت لياقت علي خان، شهيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي بڻايل اصولن تي اهو ملڪ جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو ۽ ان کي پچاڻي تي قائداعظم محمد علي جناح پهچايو هو ان پاڪستان کي اسان مضبوط ۽ مستحڪم بڻائينداسين. موجوده حالاتن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته علامه محمد اقبال اهڙي پاڪستان جو خواب نه ڏٺو هو جتي ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ قائداعظم محمد علي جناح هي ملڪ ان لاءِ بڻايو نه هو ته وفاقي وزير چوي ته عوام نوڪرين لاءِ حڪومت ڏانهن نه ڏسي ۽ جتي ادارا بند ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن. هن چيو ته هي قائداعظم محمد علي جناح جي نظرئي ۽ علامه اقبال جي خواب جي خلاف آهي جنهن جي هي (وفاقي وزير) ڳالهه ڪري رهيو آهي.
ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي وسيلن تي ڪجهه ماڻهن جو قبضي ڪرڻ جي مهم بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي ڪابه ڳجهيل ڳالهه ڪونهي اوهان پاڻ ٻڌو هو ته آرٽيڪل 149 جون ڳالهيون ڪيون ويون، جنهن تي صوبائي حڪومت اسيمبلي ۾ قرارداد به پاس ڪري چڪي آهي. هن چيو ته اسان آئين جي ابتڙ ڪوبه ڪم ٿيڻ نه ڏينداسين اهي ماڻهو ضد تي آهن ته آئين کي ٽوڙيو وڃي. آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته انهن کي خبر آهي ته سزا ڇا هوندي. ڪي فور رٿا بابت گورنر جي هڪ بيان بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته گورنر جو انتظامي معاملن ۾ ڪوبه عمل دخل نه هوندو آهي ان لاءِ آئون کين ڳالهين کي سنجيده نه وٺندو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ڪي فور رٿا بابت اجلاس ۾ وفاقي وزير منصوبه بندي خسرو بختيار شرڪت ڪئي هئي ان اجلاس ۾ نيسپاڪ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي هئي ۽ منصوبي جي ڊيزائنگ بابت جيڪي مسئلا درپيش آهن ان جي حل لاءِ به ويٺا هئاسين. هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته ڪي فور جو ڊزائين درست ڪري منصوبي کي شروع ڪيو وڃي. مونکي آفيسرن ٻڌايو ته ڪميشن بڻائي وئي آهي جنهن ۾ کين دٻاءُ وڌو ويو آهي. منهنجي خيال موجب گورنر صاحب کي ان بابت ڪابه خبر ڪونهي، ان ڪري هو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، گورنر کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون رپورٽ ئي ڪونه ٿيون ڪن ان ڪري هو پنهنجي مرضي سان غلط ڳالهائي ويندو آهي. ڪراچي صفائي مهم بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اسان 21 سيپٽمبر کان هڪ مهيني لاءِ صفائي مهم شروع ڪئي آهي ۽ آئون ان جي رٿابندي سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ ڪئي آهي ۽ سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي چيو ته جتي به بيڪ لاگ نظر اچي ان کي کڻڻو آهي. آئون صفائي جي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، ڪچرو ڪيترن ئي جاين تي هوندو، بيڪ لاگ روزاني گڏ ٿي رهيو آهي، ڪجهه ضلعن ۾ ڪچرو گڏ ئي نه پيو ٿئي، آئون چئي سگهان ٿو ته 3 لک ٽن کان وڌيڪ ڪچرو لينڊفل سائيٽن تي پهچايو ويو آهي ۽ لينڊفل سائيٽن تي ويسٽ اسٽيشن هوندو آهي، هي اهو ڪچرو آهي جيڪو اسان ڊپٽي ڪمشنرن کان ڪم ڪرايو آهي. ان جو ڀيٽ نه ڪريو ڪجهه ڏينهن پهرين وفاق پاران هڪ مهم شروع ڪئي وئي ۽ ان مهم ۾ انهن دعويٰ ڪيو هو ته 1.5 لک ٽن ڪچرو کڄي چڪو آهي پر لينڊفل سائيٽن تي 15 هزار ٽن ڪچرو پهچايو ويو ۽ بچيل ڪچرو اتي ئي موجود رهيو ۽وڌيڪ مسئلا پيدا ڪيا ويا. اسان جي ڪم کي اوهان ڏسي سگهون ٿا ۽ آئون انتظاميا کان ڪچرو کڻائي رهيو آهيان جيڪڏهن ڪوبه غلط ڪري رهيو آهي ته اوهان (ميڊيا) مونکي ٻڌايو . اسان وٽ 6 ضلعا آهن جنهن مان 3 ضلعن ۾ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ ڪم ڪري رهيو آهي. ڪچرو  جيڪو کنيو ويو آهي ان جو 70 کان 75 سيڪڙو انهن ضلعن جو آهي جتي ويسٽ مينجمينٽ بورڊ ڪم نه پئي ڪري يعني ڪورنگي مان ڪچرو نه کنيو ويو. مون صفائي جي عمل کي مستقل طور ڪرڻ لاءِ ڪي ايم سي ميئر ۽ ڊي ايم سيز جي چيئرمينن سان ڪيترائي اجلاس ڪيا آهن ۽ آئون انهن سان گڏ روڊن تي پڻ نڪتو آهيان. انهن جا جيڪي مسئلا آهن بجيٽ کانسواءِ به کيس گاڏيون ٺيڪ ڪرائڻ، ماڻهو هائر ڪرڻ ۽ هر شيءِ انهن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. آئون ٻيهر چوان ٿو ته اهو ڪم ڊي ايم سيز جو آهي. آئون سمجهان ٿو ته اسان جي صفائي مهم سان هڪ واضح فرق نظر اچي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجهه چوڻو آهي ته اهي ڳالهائيندا رهندا.  ڪتي ڏاڙهڻ واري انجيڪشن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن صحت واري وزير واضح طور ان ڳالهه جو جواب ڏنو آهي ته اسان وٽ ڪيتريون دوائون موجود آهن ۽ ڪٿي ڪٿي آهن. ڪتي جي ڏاڙهڻ جون دوائون موجود آهن ۽ اهي دوائون اسان کي وفاقي حڪومت سپلائي ڪندي آهي. گرفتاري بابت هڪ سوال تي وڏي وزير خوشگوار انداز ۾ چيو ته منهنجي گرفتاري جو مونکي خبر ڪونهي. ڪراچي جو نالو تبديل ڪرڻ بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته ڪراچي منهنجو شهر آهي ۽ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي. ان کان پهرين وڏي وزير لياقت علي خان جي 68هين ورسي جي موقعي تي قائدملت جي مزار تي حاضري ڏني ۽ کيس مزار تي گلن جي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني پڙهي. هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات پڻ قلمبند ڪيا. وڏي وزير چيو ته اها هڪ بدقسمتي هئي جو قائداعظم محمد علي جناح جي وفات کانپوءِ قائدملت به اسان کي ڇڏي ويو پر کين ملڪ جي ترقي لاءِ ڪيل ڪاوشن کي شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جاري رکيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *