اهو سچ آهي ته افغان طالبان پاڪستان ۾ حملا ڪري افغانستان ڀڄي وڃن ٿا: برطانيا جو اعتراف

اسلام آباد(بيورو) برطانيا جي پرڏيهي وزير فلپ هيمنڊ چيو آهي ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان سان گڏ آهيون، دهشتگرد پاڪستان ۾ حملا ڪري اوڀر افغانستان ۾ لڪي وڃن ٿا، اسلام آباد ۾ پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي برطانوي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ – ڀارت ڳالهيون ڪشمير مسئلي سان مشروط نه هجڻ گهرجن، جڏهن ته اسان کي اميد آهي ته پاڪستان پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ڪندو، هن چيو ته سرتاج عزيز سان ملاقات ۾ واپار ۽ دهتشتگردي جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته افغانستان ۾ امن عمل ۽ پاڪ – ڀارت ڳالهين جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سندس چوڻ هو ته برطانيا، پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو،اسان پاڪستان سان هر شبعي ۾ ڊگهي مدي وارو سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا، فلپ هيمنڊ چيو ته اسان پاڪستان ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ حمايت جاري رکڻ سان گڏ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان سان گڏ آهيون، هن چيو ته اهو سچ آهي ته افغان طالبان پاڪستان ۾ حملا ڪري وري واپس افغانستان ڀڄي وڃن ٿا، سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ معاملا صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن،سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان دهشتگردن کي پنهنجي ملڪن ۾ پناهه نه ڏيڻ واري واعدي تي قائم آهن پر اوڀر افغانستان مان پاڪستان تي حملا ٿين ٿا، برطانوي پرڏيهي وزير چيو ته افغان پناهگيرن جي معاملي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻئي ملڪ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن، هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهيون ترت ٿينديون، ان موقعي تي سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته مختلف شعبن ۾ سهڪار تي برطانيا جا ٿورائتا آهيون، برطانوي پرڏيهي وزير سان افغانستان سوڌو علائقائي ۽ ٻه طرفن معاملن تي ڳالهيون ٿينديون،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته طالبان سان ڳالهين جو ايندڙ دور جلد ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته برطانيا سان انٽيليجنس شيئرنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪا پاڪستان توڙي  برطانيا ٻنهي ملڪن لاءِ به اهم آهي، سرتاج عزيز چيو ته اميد آهي ته پاڪ – ڀارت ڳالهيون جلد ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *