اهل علم ۽ قلم ڌڻي اردو کي ٻيهر تدريس جو ذريعو بڻائڻ ۾ پنهنعجو ڪردار ادا ڪن: صدر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صدر مملڪت ممنون حسين قلم ڌڻين ۽ علم وارن کي اپيل ڪئي آهي ته اعليٰ تعليمي ۽ تحقيقي سطح تي اردو کي ٻيهر تدريس جو ذريعو بڻائڻ ۾ مدد ڪن، انجمن ترقي اردو پاڪستان تحت ”اردو باغ“ جي رٿا جو پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر مملڪت چيو ته اهي قومون جن جون پاڙون ثقافت ۽ ٻولي ۾ کتل آهن اهي سماجي، معاشي ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ميدان ۾ بلندين کي ڇهندي نظر اينديون آهن، هن چيو ته اسان وٽ علم جو وڏو خزانو ۽روايتون عثمانيه يونيورسٽي حيدرآباد (ڀارت) جي انهن هزارين ڪتابن وسيلي پهتو، جن جو سٺي نموني ترجمو ڪيو ويو هو، جيڪي ڊگري سطح تي ڪورس بشمول ايم بي بي ايس جي ڊگري ۾ پڙهايا ويندا هئا، صدر مملڪت چيو ته انجمن ترقي اردو کي گهرجي ته نه رڳو اردو کي هڪ مشن طور هٿي وٺرائڻ پر ان کي هڪ چيلينج سمجهندي نوجوان نسل لاءِ قومي ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻائڻ لاءِ به ڪوششون ڪن، هن چيو ته اردو کي سمورن هم وطنن ۾ گڏيل رابطي جو ذريعو بڻائڻ لاءِ فوري ڌيان جي ضرورت آهي، ان قسم جون ٻوليون علائقائي ٻولين کي هٿي وٺرائڻ وسيلي مضبوط ڪرڻ جي به ضرورت آهي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر انجمن ترقي اردو جي سالياني گرانٽ 10 لک مان وڌائي 50 لک رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو، تقريب ۾ ڪراچي جي ڪمشنر شعيب احمد صديقي، انجم ترقي اردو جي اعزازي سيڪريٽري ڊاڪتر فاطمه حسن ۽ ٻين به خطاب ڪيو. ان موقعي تي مشتاق احمد يوسفي، زاهده حنا ۽ اردو ادب سان تعلق رکندڙ ٻين شخصيتن به شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *