اهل حديث رابطا ڪائونسل پاڪستان جو اين اي 246 جي ضمني چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي حمايت جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اهل حديث رابطا ڪائونسل پاڪستان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 جي ضمني چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي ان ڳالهه جو اعلان اهلحديث رابطا ڪائونسل جي وفد ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائِن زيرو جي ايم ڪيو ايم علماءِ ڪميٽي جي انچارج جاويد احمد خان ۽ علماءِ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن سان ملاقات ۾ ڪيو وفد ۾ اهلحديث رابطا ڪائونسل ڪراچي جو صدر علامه مرتضيٰ خان رحمان قاري انيس الرحمان شيخ مولانا جاويد هزاروي حافظ  عطيق الرحمان ۽ ٻيا شامل هئا اهلحديث رابطاڪائونسل جي وفد چيو ته فرقيواراڻي هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري ۽ عوام جي خدمت لاءِ جيترو ڪم الطاف هسين ۽ ايم ڪيو ايم ڪيو آهي اوترو ڪنهن ٻئي ناهي ڪيو هن الطاف حسين کي سندس خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو هن چيو ته الحديث رابطا ڪائونسل ضمني چونڊن ۾ الطاف حسين جي اعلان ڪيل اميدوار ڪنور نويد جي مڪمل حمايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *