اها ڳالهه ناهي لڪائي ته هڪ ڌيءَ جي ماءُ آهيان: ماهي گل

 

ممبئي (شوبز نيوز) شادي ڪرڻ کانسواءِ ٻار پيدا ڪرڻ جو بيان ڏيڻ ۽ هڪ ڌيءُ جي ماءُ هجڻ جي انڪشاف کانپوءِ هاڻي ماهي گل وضاحت ڪئي آهي ته هن اها ڳالهه ڪڏهن ڳجهي ناهي رکي ته هو هڪ ڌيءَ جي ماءُ آهي. ماهي گل ٻڌايو آهي ته هن ڪڏهن به ان ڳالهه کي ڳجهو ناهي رکيو جڏهن ته هن اعتراف ڪيو ته هن پاڻ ڪنهن کي ان بابت ناهي ٻڌايو. ماهي گل دعويٰ ڪئي ته سندس ويجهن دوستن کي خبر آهي ته هن جي هڪ ڌيءَ آهي ۽ ڪنهن سان واسطا آهن جڏهن به ڪو ڌيءُ بابت سوال ڪندو آهي ته جواب ڏيندي آهيان. اداڪاره موجب هو ٻين اداڪارائن جيان ناهي، هو پنهنجي ذاتي زندگي کي پاڻ تائين محدود رکندي آهي. ماهي گل جو هڪ انٽرويو ۾ چوڻ هو ته جڏهن به ميڊيا يا شوبز جا ماڻهو کائنس پنهنجي زندگي بابت پڇندا آهن ته هو جواب ڏيندي آهي ٻي صورت ۾ ذاتي زندگي ڳالهائڻ پسند ناهي ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *