اها ملڪ جي وڏي بدقسمتي هوندي جڏهن عمران خان وزير اعظم ٿيندو: خالد مقبول صديقي

اسلام آباد (بيورو) متحده قومي موومينٽ جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيملي جي ميمبر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته عمران خان چور دروازي کان سياست ۾ آيو آهي ۽ جيڪڏهن چور دروازي کان وزيراعظم بڻجي ويو ته اها ملڪ جي وڏي بدنصيبي هوندي، ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر عمران خان طرفان الطاف حسين خلاف غير مناسب لفظ استعمال ڪرڻ تي قومي اسيمبلي ۾ سخت احتجاج ڪيو ۽ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته جنهن کي پنهنجي مقبوليت تي غرور هجي اهو ضرور ڪراچي اچي جيڪڏهن عمران خان کي سياست جو شوق آهي ته هوضرور ڪري ۽ جيڪڏهن ان کي اين اي 246 جي سيٽ تي اليڪشن وڙهڻي آهي ته به ضرور وڙهي ڪراچي واري به ان جون ضمانتون ضبط ڪري ڇڏينداسين، عمران خان چور دروازي کان سياست ۾ آيو آهي ۽ جيڪڏهن چور دروازي کان وزيراعظم به بڻجي ويو ته اها ملڪ جي وڏي بدنصيبي هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *