انھن کي عبرتناڪ سزا نھ ڏني وئي تھ اڃا بھ وڌيڪ غداري ڪندا: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ اهي حالتون آهن ته ڪو به ملڪ پاڪستان ۾ حڪومت ڪيرائي سگهي ٿو، اڄ جيڪڏهن ڀارت فيصلو ڪري ته پاڪستان ۾ حڪومت ڪيرائڻي آهي ته 10 کان 15 ارب رپياڏئي حڪومت ڪيرائي سگهي ٿو. گورنر هائوس لاهور ۾ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪارڪن چونڊن جي تياري شروع ڪن، ايندڙ ٽن مهينن ۾ پاڪستان ۾ چونڊون ٿينديون ۽ هن ڀيري اسان سوچي سمجهي نظرياتي ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏينداسين. هن چيو ته اسان ماضي ۾ غلطيون ڪيون ۽ ان جي وڏي سزا ڀوڳي، پنهنجي غلطين مان سکي اسان فيصلو ڪيو آهي ته ٽڪيٽون انهن ماڻهن کي ڏينداسين، جن ڏکئي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ حڪومت ڪيرائڻ لاءِ وڏيون ٻاهريون سازشون ٿيون، اسان جا غدار انهن سان ملي ويا، اسان ٻاهرين سازش جو حصو بڻجڻ وارن کي سبق سيکارينداسين، اهو نه رڳو چونڊون هارائيندا پر انهن جي سياست جي قبر بڻجي ويندي. وزيراعظم چيو ته اڄ ملڪ جون اهي حالتون آهن ته ڪو ملڪ به چاهي ته اسان جي حڪومت ڪيرائي سگهي ٿو، رڳو 10 کان 15 ارب رپين ۾ 20، 30 ماڻهو خريد ڪيو ۽ حڪومت ڪيرائي ڇڏيو، اها ڪهڙي جمهوريت آهي؟، عمران خان چيو ته اسان انهن ماڻهن جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪنداسين، اسان انهن خلاف سپريم ڪورٽ ويا آهيون، جن ماڻهن ٻاهرين سازش ۾ شرڪت ڪئي، اهي سڀ غدار آهن، مان پنهنجي سڀني ورڪرن کي چوان ٿو ته توهان کي روز احتجاج ڪرڻو آهي، هڪ جيئري قوم ان سازش خلاف بيٺي آهي، اسلام آباد جي ايف 9 پارڪ ۾ اچي قوم انهن غدارن خلاف احتجاج ڪري.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *