انگلينڊ خلاف ٿيل غلطيون ٻيهر نه ورجائبيون،محمد عامر کي ڀارت خلاف کيڏائي سگهون ٿا: وقار يونس

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته پنهنجي پاڙيسري ملڪ ڀارت خلاف سيريز ۾  اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا کائيندڙ محمد عامر کي شامل ڪري سگهون ٿا.پي سي بي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وقار يونس جو چوڻ هو ته ڀارت خلاف اهي غلطيون نه ڪيو وينديون،جيڪي غلطيون انگلينڊ ٽيم خلاف ٿيون،ڇو ته ڀارت خلاف سيريزجي هر ميچ اهم هوندي ۽ ان ۾ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو سوچي رهيا آهيون، جنهن ۾ محمد عامر جو نالو به سوچ هيٺ آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ وقار يونس جو چوڻ هو ته  محمد عامر ۾ وڏي راند آهي مان هُن جي هر بال کي ڏسي رهيو آهيان، محمد عامر ڊوميسٽڪ ميچن کانسواءِ عالمي ليگ ۾ به سُٺي راندي کيڏي رهيو آهي، جيڪڏهن قومي ٽيم کي ضرورت پئي ته کين گهرائي سگهجي ٿو ۽ ڀارت خلاف کيڏائڻ تي به سوچي رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *