انگلينڊ خلاف سيريز ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو، شڪست تي ڏک آهي: بسمه معروف

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف جو چوڻ آهي ته انگلينڊ جي خلاف سيريز ۾ سٺا نتيجا نه ملڻ جي باوجود اسان بهترين پرفارمنس جي ڪوششن ۾ رڌل آهيون.قذافي اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بسمه معروف چيو ته انگلينڊ هن وقت  بهتر ٽيم آهي ان جي خلاف سيريز ۾ شڪست جو ڏک آهي پر اتي اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ  جو موقعو مليو.اسان مثبت انداز ۾ سيريز جو اختتام ڪيو آهي. قومي وومين ٽيم جي ڪپتان چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ اسان کي آسٽريليا ۾ ويسٽ انڊيز جي خلاف ميچ کيڏڻا آهن جن ۾ بهترين پرفارمنس ڏئي ميگاايونٽ کان اڳ اعتماد بحال ڪري سگهون ٿا. بسمه معروف دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جي ڪارڪردگي ۾ بهتري اچي رهي آهي.ورلڊ ڪپ ۾ سٺي پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين وومين ڪپتان موجب تجربيڪار رانديگرياڻي ثنا مير جي انگلينڊ جي خلاف سيريز ۾ تمام گهڻي ڪمي محسوس ٿي.ثنا مير جو ورزن ٽيم ۾ چونڊجڻ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ جي لاءِ اعزاز جهڙي ڳالهه آهي. ڪپتان جو چوڻ هو ته فيلڊنگ ۾ بهتري آئي آهي پر اهم موقعي تي غلطيون ٿي رهيون آهن جن تي قابو ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *