انگلينڊ جي دوري دوران مداحن جي کوٽ محسوس ٿيندي: فواد عالم

لنڊن(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر فواد عالم چيو آهي ته انگلينڊ جي دوري دوران مداحن جي گرائونڊ ۾ کوٽ محسوس ٿيندي.صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد عالم/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 36

 چيو آهي ته ملڪ جي لاءِ کيڏڻ اعزاز آهي. ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپسي هميشه ئي هڪ خوشگوار تجربو هوندو آهي.ملڪ جي نمائندگي جي لاءِ ئي رانديگر ڪلب ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏندو آهي. مڊل آرڊر بيٽسمين چيو ته ان کان وڏي خوشي جي ٻئي ڪهڙي ڳالهه هوندي جو جن ليجنڊر کي کيڏندي ڏسي ڪرڪيٽر بنجڻ جو شوق پيدا ٿيو ان جي ڪوچنگ ملي رهي آهي.مصباح الحق ۽ يونس خان سان گڏ به کيڏي چڪو آهيان. فواد عالم چيو ته شوقينن جي گرائونڊ ۾ کوٽ محسوس ٿيندي ڇو ته ڪرڪيٽ جي شوقينن  هميشه اسان جي ٽيم کي سپورٽ ڪيو. رانديگرن کي ايندڙ ٻن مهينن تائين گڏ رهڻو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *