انگلينڊ جو شاندار ڪم بيڪ، آسٽريليا کي 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ڪرڪيٽ ميچن ۾ 93 رنسن تان هارائي ڇڏيو

مانچسٽر (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ون ڊي ڪرڪيٽ سيريز ۾ شاندار ڪم بيڪ ڪندي آسٽريلوي ٽيم کي ٽين هڪ ڏينهن واري عالمي ڪرڪيٽ ميچ ۾ 93 رنسن تان هارائي ڇڏيو. آسٽريليا جي ٽين پنج ميچن جي سيريز انگلينڊ خلاف 1-2 جي سرسي برقرار رکي آهي. انگلينڊ جي فتح ۾ جيمز ٽيلر جي سينچري ۽ جيسن روئي آئن مورگن جي اڌ سينچرين اهم ڪردار ادا ڪيو. جيمز ٽيلر کي شانداري بيٽنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. انگلينڊ جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 300 رنسون ٺاهي ڪينگروز کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 301 رنسن جو هدف ڏنو. جيمز ٽيلر 101، جيسن روئي 63 ۽ آئن مورگن 62 رنسن سان نمايان رهيا. انگلينڊ جي بالر شاندار بالنگ جي بدولت آسٽريلوي گهربل هدف حاصل نه ٿي سگهيو ۽ پوري ٽيم 207 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. آرون فنچ 53 رنسن سان نمايان رهيو. انگلينڊ جي معين علي ۽ ليم پلنڪيٽ اسٽيون فن ۽ عديل راشد ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. آسٽريلوي ٽيم 301 رنسن جي گهربل هدف ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 44 اورن ۾ 207 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. اهڙي طرح انگلينڊ ون ڊي سيريز ۾ شاندار ڪم بيڪ ڪندي آسٽريليا کي 93 رنسن تان شڪست ڏني. انگلينڊ طرفان شاندار ڪارڪردگي تي جيمز ٽيلر کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *