انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي اعتماد آهي، پر ڪرپٽ آر اوز خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي ڏک پهتو: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي اعتماد آهي، پر ڪرپٽ آر اوز خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي کيس ڏک پهتو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته انڪوائري ڪميشن پي ٽي آ ءِ مطالبي تي قائم ٿي، پر جاچ درست طريقي سان نه ٿي سگهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جڊيشل ڪميشن ۾ ڌانڌلين بابت جوڳا ثبوت پيش ڪيا، ڪميشن اهو واضح نه ڪيو ته آر اوز اختيارين جو غلط استعمال ڪيو يا نه؟. هن چيو ته انڪوائري ڪميشن جو فيصلو جمهوريت جي مضبوطي جو ثبوت آهي، کين ماضيءَ جي غلطين مان سبق سکڻو پوندو. عمران خان چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن به 126 ڏينهن ڌرڻو ناهي لڳو، پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي، جنهن ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون شفاف طريقي سان ڪرايون عمران خان وڌيڪ چيو ته الزام مڙهيندڙن جي تسلي لاءِ ڪي پي ڪي ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائي پئي وڃي، جمهوريت جي مضبوطي لاءِ پي ٽي آءِ هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *