انڊين پريميئر ليگ ۾ اڄ هڪ ميچ کيڏي ويندي، رائزنگ پوني سپر جائنٽس ۽ گجرات لائنز جون ٽيمون مقابلو ڪنديون

ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ ۾ (اڄ) جمعي واري ڏينهن هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ رائزنگ پوني سپر جائنٽس ۽ گجرات لائنز جون ٽيمون پوني ۾ مقابلو ڪنديون، تفصيل مطابق آءِ پي ايل جي نائين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا ڀارت ۾ جاري آهن، ميگا ايونٽ ۾ (اڄ) جمعي واري ڏينهن واحد ميچ رائزنگ پوني سپر جائنٽس ۽ گجرات لائنز جون ٽيمون پوني ۾ آمهون سامهون ٿينديون، رائزنگ پوني سپر جائنٽس ٽيم جي اڳواڻي مهندرا سنگهه ڌوني ڪري رهيو آهي، گجرات لائنز جي اڳواڻي سريش رائنا ڪري رهيو آهي، 29 مئي تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ٽيمن ۾  ممبئي انڊينز، رائزنگ پوني سپر جائنٽس، ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز، دهلي ڊيئر ڊيولز، ڪنگز اليون پنجاب، گجرات لائنز، رائل چيلينجرزز بنگلو ۽ سن رائيزرز حيدرآباد شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *