
ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) انڊر18 ايشيا ڪپ هاڪي ۾ پاڪستاني اڳڀرائي سان ڀارت هٿان پڄاڻي ٿي وئي. سيمي فائينل ۾ گرين شرٽس کي 1-3 سان موڪلاڻي جو نياپو مليو،واحد گول امجد علي خان پنالٽي ڪارنر تي ٺاهيو،بنگلاديش چائنيز تائپي کي 6-1 تان مات ڏئي فائنل ۾ پهچ حاصل ڪئي،اشرفل هيٽ ٽرڪ ٺاهي،چئيمپين جو فيصلو اڄ ٿيندو.