انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽس ڀارتي قدمن جي مخالفت ڪري ڇڏي

جنيوا (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽس والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارتي قدم کي آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو. آءِ سي جي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير جي آزاد حيثيت جي خاتمي سان انساني حقن جي بحران ۾ شدت ايندي، ڀارتي قدم قانون جي بالادستي ۽ انساني حقن تي ضرب آهي. عالمي اداري جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ احتجاج روڪڻ لاءِ ڪميونيڪيشن نظام جو بليڪ آئوٽ ڪيو ويو، فوج وڌائي وئي ۽ سياسي قيادت کي نظربند ڪيو ويو، اتان جي رهواسين لاءِ ڊريڪونين پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، اهو قدم نه رڳو عالمي پر ڀارت جي اندروني اسٽينڊرڊ جي به خلاف آهي، ڀارتي عدالت کي آئيني ۽ قانوني ڀڃڪڙي جو جائزو وٺڻ گهرجي. آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته سڄو ڌيان ڀارتي سپريم ڪورٽ تي آهي، سپريم ڪورٽ ڪشميرين جي حقن جي تحفظ جي ذميواري نڀائي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *