انيل ڪپور هميشه لاءِ معذور ٿيڻ واري خوف ۾ مبتلا

ممبئي(شوبز نيوز) ناليوارو بالي ووڊ اداڪار انيل ڪپور گوڏي جي تڪليف ۾ مبتلا آهي ۽ ننڊ نه ڪرڻ جي صورت ۾ هو هميشه جي لاءِ معذور ٿي سگهي ٿو، انيل ڪپور جو شمار بالي ووڊ جي سدا بهار اداڪارن ۾ ٿيندو آهي، انيل ڪپور ٦۰ سالن جي عمر به ڪنهن نوجوان اداڪار جو ٽڪر ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، انيل ڪپور اڄ به ڪنهن نوجوان کان وڌيڪ توانائي ڏيکاري سگهي ٿو، پر انسان هميشه جوان ناهي رهندو ۽ نه ئي اهو هميشه صحتمند رهندو آهي، عمر سان گڏ ان ۾ بيماريون به نظر اينديون وينديون آهن، انيل ڪپور گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پنهنجي گوڏي جي سور ۾ مبتل آهي، اها بيماري ايتري قدر خطرناڪ آهي جو هو ان جي ڪري هميشه لاءِ معذور به ٿي سگهي ٿو، هن کي ڊاڪٽرن علاج سان گڏو گڏ ٦ هفتن تائين مڪمل آرام ڪرڻ جو پڻ مشورو ڏئي ڇڏيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *