انيل ڪپور سندس ڌيءَ سونم ڪپور جي شادي جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

 

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور ڀارتي اداڪار انيل ڪپور ڌيءَ سونم ڪپور جي شادي جي خبرن تي آخرڪاري خاموشي ٽوڙي ڇڏي.ڀارتي ميڊيا ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اداڪارا سونم ڪپور جي شادي جا تمام گهڻا چرچا آهن، ڀارتي ميڊيا موجب انيل ڪپو جو گهر به ان ئي سلسلي ۾ سجايو ويو آهي جڏهن ته گهر ۾ فرح خان جي نگراني ۾ شادي ۾ دانس لاءِ ريهرسل به ڪئي پئي وڃي.ڀارتي ميڊيا موجب سونم ڪپو ۽ ڀارتي بزنس مين آنند آهوجا جي شادي ايندڙ مهيني آهي، مشهور اداڪار انيل ڪپور ڌيءَ جي شادي جي خبرن تي هينئر تائين بلڪل خاموش هو پر هاڻ هن به خاموشي ٽوڙي ڇڏي.ميڊيا سان ڳالهائيندي انيل ڪپور جو چوڻ هو ته ميڊيا شروع ڪان اسان سان گڏ رهيو آهي جڏهن ته صحيح وقت تي شيون سامهون آڻينداسين، ڪنهن کان ڪجهه ناهي لڪايو.هن جو چوڻ هو ته سڀني کي حقيقت جي جلد خبر پئجي ويندي، گهر تي چراغان جي حوالي سان انيل ڪپو چيو ته اوهان سڀني کي تمام جلد خبر پئجي ويندي ته گهر ڇو سجايو ويو ۽ چراغان ڇو ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *