انيل ڪپور ارجن ڪپور سان پهريون دفعو فلم مبارڪان ۾ گڏ نظر ايندو جيڪا 28 جولائي تي رليز ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جي نالي واري اداڪار انيل ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته ان جي ڀاڻيجي ارجن ڪپور شادي ڪرڻ وارو آهي، هن پنهنجي ڀاڻيجي ارجن ڪپور سان پهريون دفعو فلم مبارڪان ۾ نظر ايندو جيڪا 28 جولائي تي رليز ٿيندي. جنهن ۾ ارجن ڪپور ڊبل رول ۾ نظر ايندو ۽ فلم ۾ ان جون ٻه شاديون به ٿينديون. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب باليووڊ ۾ 38 سالن کان اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي انيل ڪپور پنهنجي نئين فلم مبارڪان جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته ان فلم ۾ شادي جو ٿيم ان جي ڀاڻيجي ارجن ڪپور سان رکيو ويو آهي، ڇو ته اسان چاهيون ٿا ته هو شادي ڪري ۽ هو اسانجي خاندان جي نوجوانن ۾ شادي ڪرڻ وارو پهريون شخص آهي، اسان ان جي شادي لاءَ ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *