انوشڪا شرما ڦلاري نالي نئين فلم ڪو پروڊيوس ڪرڻ سان گڏ ان ۾ ڪم به ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما اعلان ڪيو آهي ته هوءَ ڦلاري نالي نئين فلم ڪو پروڊيوس ڪرڻ سان گڏ ان ۾ ڪم به ڪري رهي آهي، هڪ بيان ۾ انوشڪا ٻڌايو ته فوڪس اسٽار اسٽوڊيوز جي گڏيل پروڊڪشن سان ٺهندڙ ان رومانوي فلم ۾ لايف آف پائي ذريعي مشهوري ماڻيندڙ ڳائڻو اداڪار دلجيت دوسنجي ۽ سورج شرما سانس گڏ نظر ايندا، هن ٻڌايو ته اها فلم ڀارتي پنجاب جي 100 سال پراڻي رسم ڦلار جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي، جنهن جي هدايت نئون ڊائريڪٽر انشائي لال ڏئي رهيو آهي،  27 ورهين جي انوشڪا شرما جو چوڻ هو ته ڦلار شادي جي رسمن جي حوالي آهي، جيڪا گذريل 100 سالن کان ڀارتي پنجاب ۾ هلي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *