اننيا پانڊي ۽ ايشان کتري ۾ 3 سال پراڻو رشتو ختم

ممبئي (شوبز نيوز)ڀارتي اداڪارا اننيا پانڊي 3 سال پراڻو رشتو ختم ڪندي اداڪار ايشان کتري کان ڌار ٿي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اننيا پانڊي گذريل ٽن سالن کان اداڪار ايشان کتري سان لاڳاپن ۾ هئي، جوڙي کي گذريل ٽن سالن کان گرل فرينڊ ۽ بواءِ فرينڊ طور تي گڏ گهمندي ڦرندي ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪندي ڏٺو ويو هو.ميڊيا رپورٽن موجب هاڻي اننيا پانڊي ۽ ايشان کتري رستا ڌار ڪري ورتا آهن، ٻنهي ۾ طئي ٿيو آهي ته ٻئي سٺا دوست رهندا ۽ گڏجي ڪم به ڪندا رهندا.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اننيا ۽ ايشان جي بريڪ اپ جا ڪارڻ سامهون نه آيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *