انقره ڌماڪي جي مذمت، دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ ترڪي سان گڏ آهيون: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان انقره ۾ دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ ترڪي سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان انقره ۾ ٿيل تازي دهشتگردي جي وحشياڻي ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ ترڪي سان هن ڏکئي گهڙي ۾ گڏ بيٺل آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي کي نندڻ بابت پنهنجي عزم کي ورجائي ٿو. پاڪستاني انقره ۾ بم ڌماڪي تي ڏکويل آهن ،جنهن ۾ ڄاڻ مطابق وڏي انگ ۾ بيگناهه جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. پرڏيهي ترجمان چيو ته اسان ڏکويل ڪٽنبن ۽ ترڪي جي عوام توڙي حڪومت سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪيون ٿا. ترجمان ان يقين جو اظهار ڪيو ته ترڪي جو بهادر عوام دهشتگردي جي ان بڇڙائي جي خاتمي لاءِ پرعزم ٿي پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *