انضمام الحق ويسٽ انڊيز لاءِ ون ڊي انٽرنيشنل ۽ ٽي 20 جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيف سليڪٽر انضمام الحق ٻيهر ويسٽ انڊيز جي لاءِ  ون ڊي انٽرنيشنل ۽ ٽي 20 جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. فاسٽ بالر محمد عامر کي ٽي 20 ۾ آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته احمد شهزاد، محمد حفيظ، ڪامران اڪمل ۽ شاداب خان کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. بيٽسمين عمر اڪمل کي فٽنس ٽيسٽ پاس نه ڪرڻ سبب اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. انضمام الحق طرفان ٽي 20 جي لاءِ اعلان ڪيل ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد آهي جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ احمد شهزاد، ڪامران اڪمل، محمد حفيظ، بابر اعظم، شعيب ملڪ، فخر الزمان، سر فراز احمد، عماد وسيم، شاداب خان، محمد نواز، حسن علي، سهيل تنوير، وهاب رياض، رومان رئيس ۽ عثمان خان شنواري شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته فاسٽ بالر محمد عامر کي ٽي 20 سيريز ۾ آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *