انصاف ۾ دير انصاف نه ڏيڻ جي برابر آهي: سينيٽ ميمبر

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ ميمبرن چيو آهي ته انصاف ۾ دير انصاف نه ڏيڻ جي برابر آهي، انصافي جي فراهمي يقيني بڻائڻ تائين مسئلا حل نه ٿيندا، عدالتن ۾ هزارين ڪيس التوا هيٺ آهن، پارليامينٽ اهڙو ڪم ڪري جنهن سان ماڻهن کي انصاف حاصل ڪرڻ ۾ انتظار نه ڪرڻو پوي، عدالتي نظام ۾ فيصلن ۾ دير ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جڏهن ته وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم کي ليگل ريفارمز ڪميٽي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي آهي، تجويز ڪيل سڌارن تي وڌيڪ ڪم ٿيندو، سينيٽ جي قائمه ڪميٽي جي تجويزن کي به ان ۾ شامل ڪيو ويندو، سومر تي سينيٽ جي اجلاس چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيٽر طاهر حسين مشهدي جي تحريڪ التوا تي خيالن جو اظهار ڪندي ايم ڪيو ايم جي خوش بخت شجاعت چيو ته سينيٽ ۾ ٿيندڙ ڳالهه جو اثر ٿيڻ گهرجي ۽ عوام کي تڪڙو ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت موثر قدم کڻي، عورتن کي انهن جي بنيادي حقن جو تحفظ ضروري آهي ان لاءِ سمورن لاڳاپيلن ادارن کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي، مسلم ليگ ن جي سينيٽر نهال هاشم چيو ته جن معاشرن ۾ سماجي انصاف آهي اتي معاملا عدالتن ۾ وڃڻ کان اڳ ئي حل ڪيا وڃن ٿا، هن چيو ته سستو انصاف فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي هي اهم معاملو آهي ان کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪيو وڃي، ايم ڪيو ايم جي سينيٽر بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته پاڪستان ۾ عام ماڻهو اڄ به انصاف کان وانجهيل آهي، هتي قانوني امداد جو نظام نه آهي ۽ ڪجهه اين جي اوز اهو ئي ڪم ڪري رهيون آهن، ايوان ان ڳالهه کي يقين بڻائي ته قانون ۾ اهڙيون ترميمون هجن جو عوام کي تڪڙو ۽ سستو انصاف فراهم ڪري سگهجي، سينيٽر شاهي سيد چيو ته عدالتن ۾ ڪيس دير سان اڪلائڻ ۾ مايوسي پکڙجي ٿي،مزدورن کي انصاف ڪڏهن به بروقت نٿو ملي، سنييٽر لطيف انصاري چيو ته انصاف ۾ دير انصاف نه ڏيڻ جي برابر آهي، انصاف جي فراهمي معاشري کان وڌيڪ حڪومت جي ذميواري آهي، سينيٽر سعيد غني چيو ته عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، جرڳن ذريعي ٿيندڙ ڪجهه فيصلا اعتراز جوڳا هوندا آهن هن نظام کي قانوني شڪل ڏئي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا، سنيٽر مير ڪبير چيو ته ڳوٺن ۾ ننڍا ننڍا جهيڙا مقامي سطح تي حل ڪيا وڃن ٿا، جرڳن ذريعي فيصلن ۾ مسئلا ضرور آهن انهن کي بهتر بڻائي سگهجي، ضروري آهي ته ماڻهن جي مزاج مطابق قانون جوڙيا وڃن، ان کانپوءِ تحريڪ التوا تي بحث ختم ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته تڪڙو ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ قومي ۽ عوامي زندگي جي حوالي سان وڏي اهميت جو معاملو آهي ان سان عوام کي ان ڳالهه جو علم ٿيندو ته ان جا نمائندا هن اهم معاملي تي ڪيترو ڌيان ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته تڪڙو ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ سڌارا ڪيا ويا آهن، عدالتن کي 6 مهينن ۾ فيصلا ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي، ٿاڻي ۾ اجايو ڪنهن شخص کي رکڻ تي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻي پوي ٿي، هاڻ هي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي اختيار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته عدالتي سڌارن مطابق ججن جو انگ وڌايو ويو آهي ته جيئن ڪيس جلد اڪلائي سگهجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *