انصاف تي ٻڌل معاشر جي لاءِ ڪوڙي شاهدي جو خاتمو ڪرڻو پوندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جو چوڻ آهي ته انصاف تي ٻڌل معاشر جي لاءِ ڪوڙي شاهدي جو خاتمو ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۾ سينٽرل پوليس آفيس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا جو چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي جاچ عمل کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جاچ آفيسرن کي خبر هئڻ گهرجي ته عدالت ۾ فريادي ڪيس ڪيئن ثابت ٿيندو آهي، رڳو پوليس جي سامهون اعتراف ڪرڻ ڪافي ناهي هوندو. سندس چوڻ هو ته فوجداري نظام ۾ 2 وڏا نقص آهن جڏهن ته پوليس نظام کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته پهريون مسئلو ڪوڙي شاهدي ۽ ٻيو مسئلو دير جا حرٻا آهن، آخري وقت وارو بيان غلط نٿو ٿي سگهي ڇو ته ماڻهو پنهنجي رب سان ملڻ وارو هوندو آهي، ماڻهو قسم کڻڻ جي باوجود عدالت ۾ ڪوڙي شاهدي ڏيندا آهن، ڪوڙين شاهدين کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، اڪثر ڪوڙا شاهد ۽ اکين ڏٺا شاهد اصيل جا ويجها مائٽ هوندا آهن، اسلامي انصاف واري نظام ۾ ڪوڙي جي شاهدي ٻيون ڀيرو قبول ناهي ڪئي ويندي ان ڪري انصاف تي ٻڌل معاشري جي لاءِ ڪوڙي شاهدي جو خاتمو ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته دير وارن حرٻن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ 3 اهم فيصلا ڪيا آهن پهرين هڪ ڪيس ۾ سمورين شهادتن کي اُڪلاي ويندو، هاڻ ڪيسن ۾ التوا نه ڏني ويندي جڏهن ته هڪ ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ کان سواءِ ٻئي ڪيس ۾ فيصلو نه ڏنو ويندو، ه ضلعي ۾ هڪ ماڊل ڪورٽ قائم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته 17 ضلعن ۾ ماڊل ڪورٽن جي ڪري قتل جو ڪو به ٻڌڻي هيٺ يا رولڙي جو شڪار ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *