انشاءِ الله قوم جي اميدن تي پورا لهنداسين: آرمي چيف

پبي (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته انشاءِ الله اسان قوم جي اميدن تي پورا لهنداسين، خابرو ادارن موجب پبي ويجهون پاڪستان آرمي ٽيم اسپرٽ مقابلي جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جو چوڻ هو ته مختلف علائقن ۾ ڪيترين ئي چيلينجن جو جواب ڏيڻ لاءِ پاڪستان آرمي کي جسماني ۽ ذهني طور تي بهترين ٿيڻو پوندو، سندس چوڻ هو ته وطن جي محبت ۽ قرباني جي جذبو پاڪ فوج کي دنيا جي بهترين فورسز ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو ئي جذبو ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ جي همت ڏي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *