انشاءُالله اهو ڏينهن ايندو جڏهن دنيا آمريڪا بدران پاڪستان ڏانهن واجهائيندي: سراج الحق

لاهور (م.ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته ڪروڙين غريب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ سڪي رهيو آهي جڏهن ته 5 سيڪڙو ڪرپٽ امير غريب عوام جو رت چوسي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجا محل ٺاهڻ ۽ پنهنجا اڪائونٽس ڀرڻ ۾ مصروف آهن 67 سالن ۾ عوام کي سبزباغ ڏيکاري صرف ڪوڙن واعدن تي ڪمڪڍيو ويو اليڪشن مهم ۾ وڏي واقعي لوڊشيڊنگ مهانگائي بيروزگاري ختم ڪرڻ جا نعرا هنيا ويا پر هڪ به واعدو پورو نه ٿي سگهيو پاڪستان جي قيام لاءِ لکين ماڻهن قرباني هنن لٽيرن لاءِ نه ڏني هئي جماعت اسلامي 21، 22 ۽ 23 نومبر کان تحريڪ پاڪستان جي سلسلي ۾ عام اجتماع منعقد ڪندي جنهن ۾ عوامي ايجنڊا جو اعلان ڪيو ويندو اسان جا حڪرمان آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ آمريڪا جي اشارن تي هلن ٿا انشاءُ الله اهو ڏينهن به ايندو جڏهن دنيا آمريڪا ڏانهن ڏسڻ بدران پاڪستان ڏانهن واجهائيندي اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي جي جنرل سيڪريٽري لياقت علي بلوچ ۽ ٻين سان گڏ منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *