انسٽاگرام فالوئر خريدڻ جي خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي : ايمن خان

ڪراچي (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا ايمن خان چيو آهي ته منهنجا انسٽاگرام تي 100 سيڪڙو اصلي فالوئر آهن.ايمن خان پنهنجي مڙس منيب بٽ سان گڏ اداڪار احسن خان جي شو ۾ شريڪ ٿي، جتي هن انسٽاگرام فالوئر خريد ڪرڻ جي خبرن جي ترديد ڪئي.اداڪارا چيو ته منهنجا انسٽاگرام تي 100 سيڪڙو اصلي فالوئر آهن، الائي ڇو ماڻهو انهن تي سوال اٿاري رهيا آهن.هن چيو مان انسٽاگرام اڪائونٽ ان وقت ٺاهيو هو، جڏهن ايپ تي تمام گهٽ ماڻهو هوندا هئا، اهو ئي سبب آهي جو منهنجا فالوئر وڌندا رهيا.سندس چوڻ هو ته مان ڪڏهن به انسٽاگرام تي مواد اپ لوڊ ڪرڻ جي منصوبابندي ناهي ڪئي، ڪڏهن ڪڏهن پوسٽ ڪرڻ لاءِ مون وٽ تصويرون ناهن هونديون، مان تڏهن ئي پوسٽ ڪندي آهيان، جڏهن مون وٽ ڪجهه هوندو آهي ۽ اهو ئي منهنجي لاءِ فائديمند ثابت ٿيو.واضح رهي ته پاڪستان ۾ انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ شخصيتن ۾ اداڪارا عائزا خان پهرين نمبر تي، جڏهن ته ايمن خان ٻئي نمبر تي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *