انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي دنيا بنا دير ڀارت جو گهيرو ڪري: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته عالمي برادري انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڀارت جو بنا دير گهيرو ڪري. پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فورسز هٿان ڪشميرين جو قتل عام جاري آهي، ڀارتي قابض فورسز جعلي مقابلن ۾ وڌيڪ 6 ڪشميري نوجوان شهيد ڪري ڇڏيا، اڄ صبح 19 ورهين جي شاگرد کي اسلام آباد ضلعي ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ هلندڙ مهيني ڊسمبر ۾ ڀارتي قابض فوجين هٿان 18 معصوم ڪشميري شهيد ڪيا ويا. پرڏيهي کاتي چيو آهي ته قابض فوج والاريل خطي ۾ پنهنجو جبر وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عام شهرين جون گرفتاريون، رات جي وقت ڇاپا هنيا پيا وڃن، ڪشميرين جي تذليل، کين هراسان ڪرڻ جو سلسلو به تيز ٿي چڪو آهي، ڪشميرين جي عدالتن کان مٿانهين قتل، جعلي مقابلن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي آهي. پرڏيهي کاتي موجب ڀارتي حڪومتي جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي جو رويو آر ايس ايس جي ذهني ڏيوالپڻي جي عڪاسي آهي، ڀارتي ظلم ۽ جبر ڪشميرين کي نٿو جهڪائي سگهي، عالمي برادري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي ڀارت جو فوري طور گهيرو ڪري.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *