انجلي مينگهواڙ ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي  ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ انجلي مينگهواڙ  عرف سلميٰ بي بي  جي وڪيل جي اعتراض کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ، ٻڌڻ کان انڪار ڪندي ڪيس بابت ٻي بئنچ تشڪيل ڏيڻ لاءِ ڪيس چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي  ،عدالت جي حڪم سان انجلي پناه  شيلٽر هوم واپس هلي وئي ،  عدالت  انجلي جي والدين کي انجلي سان  ملائڻ جي اجازت  ڏئي ڇڏي انجلي والدين کي ڌڪا ڏيندي رهي ملڻ کان انڪار سياسي سماجي تنظيمن  جا اڳواڻ ۽ ڀرچونڊي پير عدالت۾ موجود هئا . ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سيد فاروق شاه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ٿي  گذري عدالت ۾ ريٽائرڊ جج جي فوت ٿيڻ سبب بورڊ  ڊسچارج ڪيا ويا هئا ، ٻڌڻي چيمبر ۾ ٿي عدالت ۾ رياض سيال جو وڪيل مجيب پيرزادو ، انجلي جو وڪيل غلام قادر جتوئي ۽ انجلي جي والد جو وڪيل سيد علي احمد طارق پيش ٿيا ، ٻڌڻي دوران انجلي پاران غلام قادر جتوئي چيو ته آءُ انجلي جو وڪيل آهيان تنهن ڪري ڪيس ۾ هي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس فاروق شاه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  ڌر ٻڻيل آهي  هي ڪيس ڪنهن ٻئي بئنچ ڏانهن منتقل  ڪيو وڃي ، عدالت چيو ته اوهان ڪو به وڪالت نامي جو پاور فائل نه ڪيو آهي تنهن ڪري پهرين اوهان عدالت ۾ وڪالت نامي جو پاور فائل ڪيو پوءِ ڪيس بابت اعتراض واري درخواست ڏيو انجلي جي وڪيل عدالت ۾ اعتراض واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي ، عدالت اعتراض واري داخل درخواست کان پوءِ مختصر فيصلي ۾  ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪندي ڪيس لاءِ ڪا ٻئي بئنچ تشڪيل ڏيڻ لاءِ  ڪيس چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي ، عدالت کي انجلي عرف سمليٰ بي بي جي  والدين چيو اسان کي انجلي سان ملاقات ڪرائي وڃي ، عدالت حڪم ڏنو ته ڪورٽ روم ۾ انجلي کي والدين سان ملاقات ڪرائي وڃي انجلي عرف سلميٰ بي بي والدين سان ملڻ جو انڪار ڪندي والدين کي ڌڪا ڏيندي رهي انجلي جي امڙ انجلي جي پيرن تي پوتي رکندي رهي پر انجلي ملڻ کان اعتراض ڪندي رهي ، عدالت شام جو ساڍي چار وڳي ڪيس جي ٻڌڻي  تي فيصلو ٻڌايو ته انجلي جي وڪيل غلام قادر جتوئي جنهن ڪيس ۾ وڪالت جو پاور فائل به نه ڪيو آهي ۽ هن  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بئنچ تي اعتراضات ڪيا آهن تنهن عدالت ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪندي انجلي جو ڪيس هي بئنچ نه ٿي ٻڌي سگهي عدالت انجلي جو ڪيس ڪنهن ٻئي بئنچ ڏانهن اماڻڻ لاءِ چيف جسٽس ڏانهن ڪيس اماڻي ڇڏي آهي ، عدالت انجلي کي ايندڙ ٻڌڻي تائين پناه شلٽر هوم اماڻي ڇڏيو آهي ، پوليس پاران عدالت ۾ سلميٰ بي بي عرف انجلي سان نڪاح ڪندڙ رياض سيال کي نه آندو ويو هو ، ٻڌڻي دوران عدالت ۾  انجلي ۽ رياض سيال جي حمايت ۾ سياسي ، سماجي ، مذهبي اڳواڻ ، انساني حقوق جا نمائندا ۽  ڀرچونڊي شريف جا پير به پيش ٿيا ، عدالت ۾ ٻڌڻي کان پوءِ  عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هندو پاڪستان فورم جي جنرل سيڪريٽري جيپال ڇاپڙا ، پاڪستان هندو ڪائونسل جي اڳواڻ امرناٿ . پي ٽي آءِ اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڌرمندر ڪمار  ، اين جي اوز اڳواڻن عاجز گبول ، قوم پرست اڳواڻ اعجاز سامٽيو ، الاهي بخش چاچڙ ۽ ٻين چيو  ته انجلي جي عمر 12 سال کان گهٽ آهي تنهن ڪري انجلي مينگهواڙ جو زبردستي مذهب تبديل ڪري هن کي مسلمان ڪيو ويو آهي تنهن ڪري انجلي کي واپس والدين حوالي ڪيو وڃي ۽ جيڪو اسيمبلي مان گهٽ عمر  جي شادي وارو بل پاس ٿيل آهي ان تي عمل ڪيو وڃي  ، عدالت ۾ ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي  ڀرچونڊي شريف ڏهرڪي جي گادي نشين جي صاحبزادي حضرت پير عبدالمالڪ عرف مجن شاه ، ميان اسلم ، مولانا عبدالجيد قادري ، حافظ الله بخش قادري ، ۽ ٻين چيو ته اسان ڪا به زبردستي نه ڪئي آهي اسلام ۾ زبردستي نه ڪئي ويندي آهي سلميٰ بي بي پاڻ پنهنجي مرضي سان  اسلام قبول ڪري مسلمان ٿي آهي ۽ اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مذهب جي قيد نه  آهي ، عدالت ۾ انجلي جي والد قندن جي وڪيل داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته انجلي جو ڪراچي جي جوڊيشنل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ 164 جا بيان ريڪارڊ ڪرايا وڃن ۽ نادرا کان عمر جي نشاندهي ڪرائي وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *