انتها پسندي کي ڄاڻي واڻي هٿي ڏني پئي وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

مٺي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته آمريت جا پوڄاري نٿا چاهين ته اسان متحد رهون پر اسان سڀني کي متحد ڪنداسين، وزيراعظم ٿر ۾ سکڻا واعدا ڪري هليو ويو ۽ پوئتي ڪنڌ ورائي نه ڏٺو جنهن کي پنهنجو نمائندو بڻائي ڇڏيو ويو اهو ٿر جو راون آهي، هندو ڪميونٽي جي خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ آِيو آهيان، ٿر وارن لاءِ وڌيڪ بهتري آڻينداسين، هو خميس تي ٿر ۾ هندو برادري جي ڏڻ ديوالي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان کان هن هندن سان ديوالي ملهائي، ديوال جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ نرٽ تي تلڪ به لڳايو، ٻارڙن کي شفقت جو هٿ رکيو، بلاول ڀٽو چيو ته انتهاپسندي کي ڄاڻي واڻيهوا ڏني پئي وڃي، پ پ ديوالي کي پنهنجو ڏڻ سمجهي ٿي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلندي، جيڪي نفرتون پکيڙين ٿا اهي اسان مان نه آهن، پ پ چئني صوبن جي زنجير آهي، مان ديوالي جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ آيو آهيان، 19 نومبر تي تير تي ٺپو عوام کي آزادي ملندي، هن چيو ته وزيراعظم به هتي آيو هو ۽ هو واعدا ۽ اعلان ڪري هليو ويو، ميان صاحب ڪجهه ته پوئتي ڇڏي وڃو ها، اوهان جي واعدن ۽ اعلان جو ڇاٿيو اهي صرف اعلان ئي رهجي ويا، مون کي ۽ ٿر جي ماڻهن کي خبر آهي ته ميان صاحب اوهان ڪجهه نه ڪندا، هن چيو ته مون کان جيترو ٿي سگهيو پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ ڪوشش ڪندس، پ پ جي برابري جي ڳالهه ڪري ٿي، عوام جي ڳالهه ڪري ٿي، هي سڀ غريب ۽ عوام دشمن ماڻهو آهن، پ پ هارين، شاگردن ۽ عوام جي ڳالهه ڪري ٿي، هن چيو ته ٿر جي ماڻهن کي خبر آهي ته اوهان ڪجهه نه ڪندا، جڏهن اليڪشن ٿيندي آهي ته هڪ پوسٽر تي بيٽ ۽ شير کڏ ٿيندا آهن، پ پ خلاف اهي سڀ گڏجي ويندا آهن، هن چيو ته هي سڀ غريب دشمن آهن، سياستدان ديوالي ملهائڻ سنڌ آيا آهن، پر ووٽ کين نه ملندو، سنڌ ۾ ووٽ ڪنهن پير مير نه پر بينظير جو آهي، ان موقعي تي نثار کهڙو چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ته پهرين سال ديوالي ملهائي سڀني کي راغب ڪيو ته ديوالي ڪئين ملهائي ويندي آهي، ڪراچي ۾ ديوالي جي تقريب ۾ وزيراعظم چيو ته رنگ وجهڻ آيو آهيان، ان کي خبر هئڻ گهرجي تي ديوالي تي رنگ نه پر ڏيئا ٻاريا ويندا آهن، هن چيو ته پ پ کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *