انتهاپسند هندو تنظيم شيوسينا عامر خان کي ڀارت ڇڏي پاڪستان وڃڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ممبئي (م.ڊ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ڀارت ۾ وڌندڙ اڻ سهپ ۽ انتهاپسندي خلاف بيان ڏيڻ تي ڏچي ۾ اچي ويو آهي،انتهاپسند هندو تنظيم شيوسينا چيو آهي ته جيڪڏهن عامر خان پاڻ کي هندستان ۾ غير محفوظ سمجهي ٿو ته پاڪستان هليو وڃي، جڏهن ته سندس بيان خلافڪانپور ۾ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، جنهن جي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تي ٿيندي، ڀارتي ميڊيا مطابق مهاراشٽر جي ماحوليات واري وزير ۽ شيوسينا جي سينيئر اڳواڻ رامداس ڪدم جو چوڻ آهي ته عامر خان هن مهل تائين هڪ مشهور اداڪار هو پر هاڻ اسان سمجهون ٿا ته اسان نانگ کي کير پيئاري رهيا هئا سين، جيڪڏهن هو هتي رهڻ نه ٿو چاهي ته پاڪستان هليو وڃي، واضح هجي ته هلندڙ هفتي نئين دهلي ۾ هڪ تقريب جي موقعي تي عامر خان جو چوڻ هو ته سندس گهرواري ڪرن رائو ٻارن جي حفاظت لاءِ کيس ملڪ ڇڏڻ جي تجويز ڏني، جيڪا مون لاءِ ڳڻتي جي گهڙي هئي. هن ان موقعي تي ملڪ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ اڻ سهپ تي پڻ سوال اٿاريا ، سندس اهڙي بيان کانپوءِ هو وڏي ڏچي ۾ اچي ويو آهي، ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جي ترجمان شاهنواز حسين جو چوڻ هو ته عامر خان اهو نه وساري ته کيس هندستان ئي سپر اسٽار بڻايو آهي، ڀارت جي مختلف علائقن ۾ عامر خان مظاهرا به ٿيا ۽ سندس پوسٽرن تي ڪارو رنگ هارڻ سان گڏ اهي ڦاڙيا به ويا، جنهن کانپوءِ سندس گهرجي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *