انتهاپسندي دهشتگردي جي خلاف هرسطح تي پاڪستان علمائي ڪائونسل سان تعاون ڪنداسين: آصف علي زرداري

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان علمائي ڪائونسل جي مرڪزي چيئرمين حآفظ محمد طاهر محمود اشرفي اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪري ملڪي ۽ عالمي صورتحال تي تفصيلي ملاقات ڪئي. آصف زرداري چيو ته انتها پسندي، دهشتگردي ۽ فرقيوراڻا تشدد جي خلاف پاڪستان علمائي ڪائونسل جي جدوجھد تعريف جوڳي آهي. انتهاپسندي دهشتگردي جي خلاف هرسطح تي پاڪستان علمائي ڪائونسل سان تعاون ڪنداسين. حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلام جي موجوده صورتحال تي ذوالفقار علي ڀٽو جھڙو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پ پ پ  کي مسلمانن جي وحدت ۽ اتحاد لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *