انتظام ڪريون پيا، اسلام آباد لاڪ ڊائون ڪرڻ نه ڏينداسين: ن ليگ

اسلام آباد(بيورو) ن ليگ اڳواڻن چيو آهي ته اڳواٽ انتظام ڪري رهيا آهيون، اسلام آباد لاڪ ڊائون ڪرڻ نه ڏينداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو ته لاڪ ڊائون ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ۽ توهان چئو ٿا ته وٺ پڪڙ نه ڪريون. هن چيو ته احتجاج ڀلي ڪن پر هُنن جيڪي ڌمڪيون ڏنيون آهن اهي سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته اسان کي عمران خان سان همدردي آهي، هنن 10 لک ماڻهو آڻڻ جو چيو بني گالا ۾ هن وقت 15 سئو ماڻهو مس ويٺا آهن. محمد زبير موجب عمران خان جي احتجاج جي ڪال به مايوس ڪندڙ هئي، توهان معمول جي زندگي کي معطل ڪري نٿا سگھو. شهرين کي حقن کان نٿو روڪي سگھجي. هن چيو ته عدالت به چيو آهي، تحريڪ انصاف فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هنن کي خاص جڳهه ڏيون ٿا اتي جيترو وڻين احتجاج ڪن. ان موقعي تي دانيال عزيز چيو ته جنهن جو نالو ئي پاناما ليڪس ۾ ناهي ان خلاف احتجاج ڪرڻ اچي رهيا آهن. پرويز الاهي جي پٽ جو نالو به پاناما پيپرز ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *