انتظام اڻپورا: ايڇ آر سي پي چونڊ عمل ۾ ٿيندڙ خامين جي نشاندهي ڪري ڇڏي

لاهور (اين اين آءِ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته چونڊ عمل دوران ڪجهه هنڌن تي پولنگ اسٽاف هڪ مخصوص سياسي جماعت پاران جانبدار هو ۽ هن ٻئي پارٽي جي اسٽال کان پرچي حاصل ڪندڙ ووٽرز کي ڪمزور سببن جي بنياد تي واپس موڪلي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽ موجب ايڇ آر سي پي جي مبصرن انگن اکرن تي ٻڌل شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ مثال اهڙو آهي جنهن ۾ عورتون ووٽرز ٻڌايو ته انهن کان اها پڇا ڪئي ويئي ته اهي کين ووٽ ڏيڻ جو ڇا ارادو آهي ان کان علاوه ڪميشن کي مختلف علائقن مان اهي شڪايتون به مليون ته عورتن کي ووٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويئي. انساني حقن جي اداري پاران چيو ويو ته اهڙي قسم جون حالتون قانون جي سخت خلاف ورزي آهي تنهنڪري اميد آهي ته اهڙن معاملن کي فوري طور شفافيت سان حل ڪيو ويندو ايڇ آر سي پي پاران جاري ڪيل پريس رليز مطابق چونڊن واري ڏينهن ڪميشن جي نگران ٽيم قومي اسيمبلي جي 67 سيٽن جو مشاهدو ڪيو انهن سيٽن ۾ 12 بلوچستان، 14 خيبرپختوخنواه ۽ قبائلي علائقا 21 پنجاب ۽ اسلام آباد ۽ 20 سنڌ مان هيون ڪل ايڇ آر سي پي مشاهدو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي ڪارڪردگي ڪافي حد تائين بهتر رهي رپورٽن ۾ چيو ويو ته ڪميشن پنهنجي محڪمي طور ڪم بهتر نموني سان نڀايو جڏهن ته سياسي مواد ۾ انهن جو ڪم اميدن کان گهٽ رهيو ان کان علاوه پولنگ اسڪيمون مطمئن ڪندڙ نه هيون ۽ لاهور ڪنٽومينٽ جي مختلف ووٽرز کي اها خبر نه هئي ته انهن کي ڪٿي ووٽ وجهڻو آهي ايڇ آر سي پي مطابق ڪافي پولنگ اسٽيشن گڏ ٺاهيون ويون هيون پر ووٽرز جي تعداد جي حساب سان تمام ننڍيون هيون جنهن جي نتيجي ۾ سڄو ڏينهن پولنگ جو عمل سست رهيو ان کان علاوه مختلف ڪيسن ۾ سيکراٽ عملو به ڏٺو ويو ان کان سواءِ ايڇ آر سي پي کي پرزائيڊنگ آفيسر پاران شڪايت به ملي ته ان سڄي رات پولنگ اسٽيشن ۾ گذاري جڏهن ته ان کي سرڪاري طور تي پنهنجن ساٿين لاءِ ماني جي سهولت فراهم نه ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *