انتظار قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي، واقعي جا نوان سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ

ڪراچي (اين اين آءِ)شڪي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان انتظار احمد جي قتل جي سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي اچي وئي، آچر تي ميڊيا شڪي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل انتظار احمد جي مارجڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري ورتي آهي جنهن ۾ واضح طور تي ڏٺو ويو آهي ته انتظار پنهنجي اڇي رنگ جي گاڏي ۾ ويٺل آهي، موٽر سائيڪل تي سوار سادا ڪپڙا پاتل بلال ۽ دانيال نالي اي سي ايل جا اهلڪار مقتول انتظار جي گاڏي کي روڪين ٿا ۽ پوءِ هڪ ڪاري رنگ جي ٻي گاڏي سامهون اچي بيهي ٿي، جيڪي موٽر سائيڪل تي سوار پوليس اهلڪارن سان ئي گڏ هئا فوٽيج ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي ته جڏهن انتظار آهستي آهستي پنهنجي گاڏي اڳيان وڌائي ٿو ته موٽر سائيڪل تي سوار پوليس اهلڪار سندس گاڏي مٿان فائرنگ ڪن ٿا پوليس اهلڪارن پاران ڪيل فائرنگ ۾ هڪ گولي گاڏي جي پوئين شيشي کي چيريندي انتظار جي مٿي ۾ لڳي ٿي جنهن سبب انتظار جو موت ٿئي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *