
حيدرآباد(بيورو) سُڌ سماءُ بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صلاحڪار مولابخش چانڊيي چيو آهي ته امپائر جي آڱر کڄي وئي ته معاملا خراب ٿي ويندا. حيدر آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو ته 2 نومبر تي ٻه نمبري نه ٿي ته جمهوريت هلندي رهندي. هن چيو ته حڪومت بچائڻي آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جا چار مطالبا مڃيا وڃن. اسان جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن ته حڪومت جو ئي فائدو ٿيندو.